ٽوڀو چشمو

ٽوڀو چشمو: تعلقي قنبر جي ديهه ڪوهستان ۾ هي ڏاڙهياري جبل جي اولهه ۾ ” ڪڙي “ تي واقع آهي . هي چشمو سارو سال هتان جي آباديءَ کي پاڻي رسائي ٿو ، جنهنڪري چوڌاري ساوڪ اٿس . ٻني ٻاري کي مال کان بچائڻ لاءِ پٿرن يا ڪانڊيرن جا لوڙها ڏنا ويا آهن . ” سائي “ ۽ ” سيتا نئن “ هن چشمي کي پاڻي رسائين ٿيون .


هن صفحي کي شيئر ڪريو